لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي، اهو منصوبو لاهور جي ??لودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي ??هائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر م??ي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، سيڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزيراعظم جي ??لاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي ??وبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، منصوبابندي، توانائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيب??پخ??ونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيب??پخ??ونخواهه جي چيف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي ??والي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منصوبو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿين??ي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي ??بر پئجي ??گهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. وزيراعظم سنڌ ۽ خيب??پخ??ونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.