اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگس?? کان کوليا ??يندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ??يندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چ??و ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگس?? کان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگس?? کان جمز، ٿيٽرز ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ??يندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چ??و ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي سگهن ٿا. هن چ??و ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کولي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگس?? کان کوليا ??يا ??ڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿيو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري سگهن ٿا. هن چ??و ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.