مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ??رز?? آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عوام قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پا??ست??ن حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفار??ي مهم هلائي، پا??ست??ن ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن س??اسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي آزاد ڪشمير جي سمورين س??اسي پارٽين س??ورن ادارن ۾ ڪشمير جي معاملي ??ي مڪمل هم آهنگي آهي، پا??ست??ن جي عوام ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين س??اسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پا??ست??ني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.