اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترق?? جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طر??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ش??خ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خيبرپختونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي ??وا?? سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آه?? جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن سان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي ??وا?? جنهن دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.