اسلام آب???? – 06 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا کان ??تاثر ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪومتي سربراهن کي خط لکيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ غيرمعمولي عالمي چئلنج آهي، جنهن کان ??ر شخص متاثر ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران ??کيل خطن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ان بحران سان جتي تباهي ٿي آهي اتي عالمي دنيا کي متحد ٿيڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي. سينيٽ جي چيئرمين جرمن چانسلر، اسپين ۽ اٽلي جي وزيراعظمن کي خط لکيا ۽ پاڪستان ??اران ??ر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي.