اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا وائرس هن وق?? تائين 147 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، انهن ملڪن ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان مرض سبب 97 کان 98 سيڪڙو ماڻهو مڪمل صحتياب ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ب??ري ۾ روزاني جي بنياد تي عوام کي آگاهه ڪيو و??ندو، گذريل ڏينهن ڪوڊ 19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان صحافين کي ب??يفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سينٽر بڻائڻ جو مقصد مستند ۽ تازا ترين معلومات ميڊيا تائين باقاعدگيءَ سان پهچائڻ آهي، ان حوالي سان روزاني جي بنياد تي معلومات ڏني ويندي. هن ٻُڌايو ته وائرس سبب هن وق?? تائين 147 ملڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن ۾ 78 هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن.