اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انتهائي جديد ۽ وڏي سي – 5 نيوڪلي??ر پاور پلانٽ جي تعمير جي شروعات پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ان پاور پلانٽ سان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي. وز??راعظم چيو ته اٽامڪ انرجي ڪميشن ۽ سي اين اين سي کي ان شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪ چين دوستي زندهه آباد.