اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ب??گم نصرت ڀٽو ??ي ورسي جي موقعي تي کيس سياسي ۽ سماجي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ب??ان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قوم بيگم نصرت ڀٽو ??ي سياسي ۽ سماجي خدم??ن کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر عورت هئي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس قربانيون ناقابل فراموش آهن ۽ سندس ڪيل خدمتن جي ڪري قوم هن کي مادر جمهوريت جهڙي خطاب سان نوازيو. بيگم نصرت ڀٽو ??نهن بهادري سان مارشل لا جي اونداهي دور جو مقابلو ڪيو تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ??هو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جذبي ۽ پختي ارادي سان مشڪل کان مشڪل دور جو به ڄمي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ??ي زندگي هن قوم جي عورتن لاءِ مشعل راهه آهي.