اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ فلسطيني شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت تعليم ڏني وي??دي?? عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آه??، پاڪستان جي عوام مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ت??ليم پرائيندڙ فلسطيني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته غزه جي ذهين شاگردن کي خطاب ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آه??، پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آه??، کليل دل سان انهن کي ڀليڪار چئون ٿا، انهن جي مصيبتن کان پاڪستان سميت پوري دنيا آگاهه آه?? ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن شدت اچي رهي آه??، اسرائيلي فوج پاران بي رحماڻو ظلم جاري آه?? جنهن ۾ هيستائين 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آه??، هزارين ٻارن کي انهن جي مائرن جي هنج ۾ شهيد ڪيو ويو آه??، ڪيترائي شهر تباهه ڪيا ويا آه??. هن چيو ته عالمي برادري اڃا تائين رڳو قراردادون، تقريرون ۽ واعدا ڪري رهي آه??، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، انصاف جي عالمي عدالت سميت ڪيترن ئي عالمي فورم جنگ بندي جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، دنيا جي تاريخ ۾ ان کان اڳ ايتري تباهي ناهي ڏٺي. هن چيو ته توهان اسان جا ڀينر ڀائر آه??و، اسان جا گهر، استاد سڀ ڪجهه توهان جي لاءِ آه??، اسان پاڪستان ۾ توهان جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جنهن جي توهان کي ضرورت هوندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين ۽ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ بابت مختلف ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن تقريرون ڪيو?? پر ان کانپوءِ به غزه ۾ رت وهايو پيو وڃي، اسڪولن ۽ اسپتالن کي بمباري ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران اوڀر تيمور، سوڊان جي معاملي جي حل ۽ فلسطين تڪرار جي حوالي سان عالمي برادري آڏو ڀيٽ پيش ڪئي، جڏهن طاقتور ملڪ چاهين ٿا ته مسئلو حل ٿي وڃي ٿو، جڏهن اهي نه ٿا چاهين ته مسئلي کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته فلسطينين جون اميدون پوري دنيا جي لاءِ متاثر ڪندڙ آه??، هر خاندان مان ماڻهو شهيد ٿيا آه??، انتهائي افسوسناڪ صورتحال آه??، غزه ۽ فلسطين جي ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، غزه آئوٽ ري?? پروگرام فار ايجوڪيشن جي لاءِ سرندي وارن ماڻهن تعاون فراهم ڪيو. هن چيو ته 145 فلسطيني شاگرد پاڪستان پهچي چڪا آه??، وڌيڪ شاگردن جي مختلف شهرن ۾ ت??ليم جي فراهمي جي لاءِ اسان انهن جي ميزباني ڪنداسين، اها اسان جي ذميواري آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت طبي تعليم ڏني وي??دي?? پرڏيهي وزارت ۽ صحت واري وزارت کي ان حوالي سان فوري ٺوس ڪوآرڊينيشن جي ذريعي قدم کڻڻ گهرجن، ان ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطينين پنهنجا پيارا وڃايا آه??، پاڪستاني توهان جا ڀينر ڀائر آه?? جيڪي توهان جي پنهنجي خاندان وانگر توهان جي سارسنڀال ڪندا. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي فلسطيني شاگردن کي ملڪ جي نجي ۽ سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي تعليم ڏني پئي وڃي، ان نيڪ مقصد جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ الخدمت فائونڊيشن سميت ميڊيڪل ڪاليجن جو ٿورائتو آه??ان، انهن شاگردن کي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور جي بهترين ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ت??ليم ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي غزه جي صورتحال جي ڏس ۾ اڻ مڪمل رهجي ويل پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انهن شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آه??، مشڪل وقت ۾ فلسطيني شاگردن کي تعاون جي سخت ضرورت آه??، هيستائين 145 شاگرد پاڪستان پهچي چڪا آه??. ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سرڪاري ۽ نجي ڪاليجز کي فلسطيني شاگردن کي طبي تعليم جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ خط لکيو، 60 ميڊيڪل ڪاليجن فلسطيني شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ جي آڇ ڪئي آه??، 24 شاگرد لاهور ۽ 121 راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ڪاليجن ۾ ت??ليم پرائي رهيا آه??، فلسطيني شاگردن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، فلسطيني شاگردن جي حوصلي کي داد ڏيون ٿا. فلسطيني شاگردن ڊاڪٽر لامه ۽ ڊاڪٽر مسرت پاڪستان ۾ ت??ليم هيٺ ميڊيڪل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نمائندگي ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان غزه سان تعلق رکون ٿا، پنهنجن کي اسرائيلي فوج جي هٿان شهيد ٿيندي ڏسڻ آسان نه آه??، الخدمت فائونڊيشن سميت ٻين ادارن جا پاڪستان ۾ پنهنجي تعليم ۾ ت??اون تي ٿورائتا آه??ون، پاڪستان جي بهترين طبي تعليمي ادارن ۾ ت??ليم جي سهولت جي فراهمي تي ٿورائتا آه??ون، اميد آه?? ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي به هتي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو، فلسطينين جي حمايت ۽ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آه??ون.