اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خا??مي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بحريه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف ??وث?? ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحي??ن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بحريه جي جهاز پي ا??ن ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ا??جنسي جي جهاز پي ا??م ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه جي ا??ئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.