لاهور -23 آڪ??وبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حفاظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪ??وبر تي ملهايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي پاران مختلف تقريبون من??قد ??يون وينديون جن ۾ صحت جا ماهر پوليو کان حفاظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ته عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪندا. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت صحت کاتي پاران خاص پروگرام من??قد ??يا ويندا. جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پ?? پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شايع ڪيا ويندا.