اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??ان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ??خت??ف عالمي پليٽ فارمز تي پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت کي ساراه??و. ??عودي عرب جي سفير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.