اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪو??ٽ جي سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. وزارت مان جاري بيان موجب سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ص??ر م??لڪت طرفان سپريم ڪو??ٽ جي سينيئر جج سيد منصور علي شاهه کي 26 آڪٽوبر کان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بيان موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت اهڙي قسم جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.