پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ??هر?? معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. ??هر?? وزارت جي ترجمان موجب خميس ڏينهن وفاقي ??هر?? وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس ويو جتي اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل و??ي خان، ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف ??يڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف ??ي به شرڪت ڪئي.