اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مه??ب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پ??رل??اماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پ??رل??امينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پ??رل??امينٽ م??ن گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ ??اءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پ??رل??امينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پ??رل??امينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پ??رل??امينٽ م??ن گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مه??ب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپيڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد ا??مد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.