اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن 800 کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي آهي، ڪا??پو??يشن جي بيان موجب مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، چا??هه، صرف، نوڊلز، ڪيچ اپ، ٽيٽرا پيڪ کير، خشڪ کير، مصالحا، سانڌاڻي، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ 200 رو??ين تائين جي شاندار لاٿ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جي سبسڊي في الحال بند آهي، جيڪا تمام جلد نئين طريقيڪار تحت بحال ٿي ويندي، بيان موجب يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن جي انتطاميا صارفين کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم شروع ??يو آهي. ادارو صارفين جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ترجمان چيوته صارفين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ، معياري ۽ رعايتي شين جي وڌيڪ مقدار ۾ فراهمي لاءِ عملي طور تي قدم کنيا پيا وڃن.