اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آه??، ته مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ڳولها لاءِ نون بلاڪس جي نيلامي ڪئي پئي وڃي. آف شور گئس جي ڳولا لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کي به دعوت ڏني ويندي. انهي لاءِ مقامي ڪمپنين سان گڏجي پڻ هو ڪم ڪري سگهندا، ملڪ ۾ نون گئس ڪنيڪشنن تي پابندي پي ??ي آءِ جي دور ۾ لڳائي وئي هئي جنهن تي موجوده حڪومت به عمل پيرا آه??. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻڌايو ته گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آه??، گئس نه هئڻ سبب عوام کي گئس نه ٿي ملي، ان جو حل امپورٽ ڪري گئس جي فراهمي ڪرڻي آه?? جڏهن ته اها گيس گهريلو صارفين جي خريداري واري طاقت کان ٻاهر آه??، آخري حل اهو آه?? ته مهانگي گئس آڻي، سستي وڪرو ڪئي وڃي جڏهن ته اهو ناڻي وزارت بار نٿي کڻي سگهي. انهي لاءِ طريقيڪار اه?? طئي ڪيو ويو ته تيل ۽ گئس جي ڳولها لاءِ نون بلاڪس کي آڪشن ڪيو پيو وڃي ته جيئن پيداوار وڌي. سمنڊ ۾ گئس جي ڳولها لاءِ عالمي ڪمپنين کي به دعوت ڏئي رهيا آه??ون، مقامي ڪمپنين سان گڏجي گئس ۽ پيٽروليم جي ڳولها لاءِ ڪم ڪنداسين، جيڪي ذخيرا آه?? انهن مان وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪ – ايران پائيپ لائين تي 18 ارب ڊالرز تي ڪنهن به پينلٽي يا لاڳت جو مطالبو ناهي ٿيو، اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ آه??، عالمي سطح تي پابندين ۽ ٻين پيچيدگين سبب جيڪي قدم کڻي رهيا آه??ون، ايوان کي ان بابت ان ڪيمره بريفنگ ڏئي سگهون ٿا. هن بڌايو ته جن علائقن مان گئس نڪتي آه?? اتي پنجن ڪلوميٽرن جي علائقي اندر ڪنيڪشن ڏنا ويندا، اها پابندي پي ??ي آءِ حڪومت لڳائي هئي، اسان جي حڪومت به ان تي عمل پيرا آه??، هي پاليسي اوگرا طرفان آه?? جيستائين موجوده صارفين جي گهرج مطابق گئس پوري نه ٿيندي تيستائين نوان ڪنيڪشن نه ڏنا ويندا، ڪرڪ ۾ گئس چوري ۾ گهٽتائي آئي آه??. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته آئين تحت صدر يا ان پاران نامزد ڪيل نمائندو نئين دريافت ٿيل گئس جي استعمال ۽ ان کي رکڻ جو تعين ڪندو آه??.