اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس ??هي?? مع??شي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پاران جاري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي مع??شي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي ??هي?? آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيرا??ظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏان??ن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ناڻي واري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته مع??شي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه ??هي?? 2018ع ۾ به ناڻي واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان ??نه??جي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، مع??شي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن ??هي?? خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو ??نه??جا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي مع??شي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان جي مع??شي خوشحالي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.