اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پيٽروليم شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??هي?? ته پيٽروليم شعبي جي مس??لن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن. جڏهن ته نائب وزيراعظم مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپني?? کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ مدد ملي سگهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پيٽروليم شعبي جي اي اينڊ پي ڪمپني?? کي درپيش مس??لن تي غور لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي مقامي ۽ پرڏيهي اي اينڊ پي ڪمپن??ن جي سربراهن سرڪلر قرض جي وڌڻ سبب شعبي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو .ڪميٽي جي خانگي شعبي جي ميمبرن پڻ ڊائون اسٽريم گئس شعبي بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي ڪمپنين لاءِ سيڪٽر کي کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران تفصيلي ڳالهين کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن جي صنعت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.فورم پيٽروليم ڊويز?? کي اوگرا آرڊيننس ۾ مناسب ترميمون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جئين گئس جي اگهن ۾ ماهوار يا ٽه ماهي بنيادن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ هڪ طريقيڪار متعارف ڪرائي سگهجي.سيڪيورٽي مس??لن جي حوالي سان گهرو ڊويز?? کي هدايت ڪئي وئي ته اي اينڊ پي ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي سهڪار لاءِ قدم کنيا وڃن.