اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊوائيزري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار ميٽر?? ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪ??ي ڇڏي. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي کنڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر ملز ايسوسيئيشن سان ريٽيل پرا??يس جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر ملز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي جلد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽر?? ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت ??اڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنرز ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي کي ٻيهر چيڪ ڪندا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنر شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪندا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.