اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغي منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ جي ا??وڻي چيئرمين ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صوبي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغي منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، چاغي منرل لنگهه ۾ ڪيترائي منصوبا غور هيٺ آهن. هن چيو ته چاغي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي معدني ذخيرن جي گوادر بندرگاهه تائين پهچ ممڪن بڻائڻ جي لاءِ چاغي کان گوادر تائين ريلوي لائين تعمير ڪئي ويندي، چاغي ۾ بجلي سپلائي جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته علائقي ۾ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان پڻ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ جي ا??وڻي چيئرمين بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ۽ ان حوالي سان عملي قدمن تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. هن و??ير??عظم کي نوڪنڊي شهر جي ترقي جي حوالي سان نوڪنڊي ماسٽر پلان جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.