اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي ??ضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي ??راعت جي ??بديلي: چ??لي??جز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرع?? ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گو?? ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن ج?? اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ??رقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ??رورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي ??ربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي ??عبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي ??ولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرع?? ٽيڪنالاجيز جي ??ربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.