اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب ڪشمير، ات?? اوڀر پنجا??، مٿانهين خي??ر پختونخوا، ڪوه سليمان ۽ ڀرپاسي ات?? اوڀر، ڏاکڻي بلوچستان جي جابلو علائقن ??ي مقامي برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تيز برساتن سبب ات?? اوڀر، ڏکڻ پنجاب، پشاور، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق اڱاري ڏينهن خي??ر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪشمير، ات?? اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، ات?? اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ خي??ر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ات?? اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿانهين خي??ر پختونخوا، ڪشمير ۽ ات?? اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 47، دالبندين، نوڪنڊي ۾ 46 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.