ا??لا?? آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 93 هون ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙو“ 13 جولاءِ تي ملهايو ويندو، اهو ڏينهن انه?? 22 ??شميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائر??گ جي مقابلو ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ترجمان چيو ته اسان انهن جي بهادري کي ??لا?? پيش ڪريون ٿا جن ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻي تحريڪ کي جنم ڏنو، اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. ترجمان چيو ته ڊوگره فوج جي طرز تي ڀارتي فوج گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي قتل ڪيو آهي، ناليواري ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر وا??ي انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جي اٺين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي وئي. هن چيو ته ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙي“ جي هن هفتي ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري عوام جي خلاف عدالت کان مٿانهين قتل ۽ بي رحماڻي طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي مهم بند ڪري.