اسلام آباد – 11 ?? جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبا??گا??ن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبا??گا??ن کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آبا??گا??ن جي مفادن جي تحفظ جي لا??ِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، آبا??گا??ن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي فروغ ملندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرو??تن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرو??تن جي صحيح اڳڪٿي جي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.