بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سولر پينلز ۽ وائي ٽو او ٽريڪٽرز تيار ڪرڻ جي منصوبي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سولر پينلز جي تياري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي ??حيحون ڪيون ويون. جڏهن ته وائي ٽو او ٽريڪٽرز تيار ڪرڻ جي منصوبي جي مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي حبيب رفيق لميٽيڊ ۽ بيجنگ گلوبل هائيڊروجن انڊسٽريز ڪمپني لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي سيڙپڪاري بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ ??ف اس??رڪ??رل اڪنامڪس، پيڪنگ يونيورسٽي جي وچ ۾ سي پيڪ جي فروغ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.