بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين جي دوري دوران شو گوانگ جي ميئر زائو تيان بائو بيجنگ ?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم س??نيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي ۽ ک??ڻي?? جي کوٽائي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف موقعن ت?? روشني وڌي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مينوفيڪرچنگ يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميئر زائو تيان بائو شو گوانگ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زراعت، ک??ڻي?? جي کوٽائي ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.