اسلام ??باد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميش?? ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ۾ نيشنل انفارميش?? ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپ??يشنز بابت هڪ جامع ??ري??نگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند ??ڻا??ڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ ??ري??نگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.