داسو – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چيني دوست پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف ??يڪ??ورٽي يقيني بڻائينداسين، بشام واقعي جي پٺيان پاڪستان جي دشمنن جو هٿ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام واقعي جي ڏس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز ۽ ماهرن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي و??ير انجنيئر امير مقام، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني، چيني سفير جيانگ زائيڊونگ، چيني ڪمپني جا ميمبر ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بشام واقعي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئرز جي ياد ۾ 30 ??يڪ??ڊ جي خاموشي اختيار ڪئي و??ي. وزيراعظم ان موقعي تي چيني انجنيئرن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي و??يراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي. 26 مارچ تي بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيني انجنيئرز ۽ ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ۾ 5 چيني انجنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني فوت ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي غيرمعمولي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، اهو فعل پاڪستان جي دشمنن جو آهي. اسان جا دشمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مستحڪم ۽ وسيع ٿيندڙ دوستي کي متاثر جي لاءِ ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿا ڏين ته جيئن چين ۽ پاڪستان جهڙن آئرن برادرز جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. هن چيو ته هو هتي موجود چيني شهرين جي چهرن تي پنهنجي ساٿين جي جدائي ڏک ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هو يقين ڪرائي ٿو ته پاڪستان حڪومت هتي ڪم ڪندڙ چيني شهرين ۽ انهن جي خاندانن جي ??يڪ??ورٽي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني هڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف ??يڪ??ورٽي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي فوري پوءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ حڪومت ۽ عوام پاران چيني صدر ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي چيني ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ انهن کي اهڙي سزا ڏني ويندي جيڪا هڪ مثال هوندي ۽ ڪير به مستقبل ۾ اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان واقعي جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي و??ي آهي جنهن جي سفارشن تي اسان بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ان جي روح موجب ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ اعليٰ سطح جو ??يڪ??ورٽي اجلاس پڻ طلب ڪيو جنهن ۾ ان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي ۽ صوبن سان بهتر رابطن ۽ اضافي گهربل ??يڪ??ورٽي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. جنهن ۾ وفاقي و??يرن، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ??يڪ??ورٽي انٽيلي جنس جي سربراهن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيندو. داسو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي بهتر ??يڪ??ورٽي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کي اونچي ۽ سمنڊن کان گهري ۽ دنيا ۾ مضبوط کان مضبوط تر آهي. اها دوستي انهي عزم سان اڳتي وڌندي ۽ ان دو??تي?? سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي دشمنن کي شڪست ٿيندي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ڳالهائيندي چيو ته حملي جي فوري پوءِ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم چيني شهرين جي ??يڪ??ورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي مصروفيتن جي باوجود چيني انجنيئرز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي جنهن تي و??يراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستان جي و??يراعظم چيني شهرين جي فول پروف ??يڪ??ورٽي جي خاطري ڪرائي. اميد آهي ته پاڪستاني حڪومت دهشتگردي جي و??قعن جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.