اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو آهي ته غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وظيفن جي لاءِ 35 کان 40 ه??ار درخواستون ملنديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان درخواستن کي اڪلائڻ جو وقت گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي ايوان کي ٻڌايو ته غيرمعمولي ڪارڪردگي تي وظيفا ڏنا وڃن ٿا جن جا ساليانو 35 کان 40 ه??ار ڪيسز شاگردن جي وظيفن جي لاءِ اچن ٿا جن جي ڇنڊڇاڻ تي وقت لڳي ٿو. هن چيو ته مارچ کان سيپٽمبر تائين نتيجن جو اعلان ٿيندو رهيو آهي ان لاءِ اهو انگ وڌي وڃي ٿو. عام طور ت?? 45 ??ينهن ۾ ڪيسز مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ٿي.