اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون ??هن?? مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم تحت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ ت??ظي??ن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ ت??ظي??ن جي بيانن کي ڏٺو آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چ??نڊ عمل جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ۽ نه ئي ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي تسليم ڪن ٿا، اهي بيان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. ترجمان چ??و ته عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان ٿيون ??هن?? غير ملڪي اسپانسر ٿيل دهشتگردي کان سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. ترجمان چ??و ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس کي بند ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کان بچي سگهجي. چونڊ مشق ان حوالي سان خدشن کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. ترجمان چ??و ته اسان پنهنجي دوستن طرفان تعميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عمل جي تڪميل سان ناڪاري بيان نه ته تعميري ۽ نه ئي بامقصد ??هن?? ترجمان چ??و ته پاڪستان متحرڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منزل جي ويجهو ڪندي. هن چ??و ته اسان اهو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پر پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان جي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.