اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ??هي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم ک?? وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪ??و. ??گران وزيراعظم ک?? پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آئوٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو و??و. ??گران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وس??ع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آهي.