تامپابي، فلوريڊا-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پنهنجي آمريڪي دؤري دوران ڪمانڊر يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ??ي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ??ابت گڏيل سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سينٽ ڪام جوائنٽ آپريشن سينٽر ??و به دؤرو ڪيو جتي سينٽ ڪام ۽ـ پاڪ فوج وچ ۾ دفاعي تربيت ۽ ر??بطا وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو.