اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو آه??. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز انهن آرڊيننسز جي فوري ضرورت تي صدر کي بريفنگ ڏني ??يئن ته انهن چئن رياستي ملڪيت انٽرپرائيزز (ايس او اي) جي حوالي سان هلندڙ سال جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان اتفاق راءِ ٿيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انهن ادارن جي قانونن ۾ ترميمن جن تي صدر صحيحون ڪيون آه??، انهن کي جنوري 2023ع ۾ لاڳو ڪيل رياستي ملڪي ادارن (گورننس اينڊ آپريشن) ايڪٽ 2023ع موجب آڻڻ جي لاءِ ڪيو ويو آه??. خدمتن جي فراهمي جي معيار کي وڌائڻ ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط آڻي ايس او ايز جي گورننس ۽ آپريشنز کي بهتر بڻائڻ آه??. حڪومت هاڻي ايس او اي قانون جي شقن کي اهڙن ادارن تائين توسيع ڏيڻ جي عمل ۾ آه?? جيڪي خصوصي قانونن تحت هلن ٿا ان سان انهن جا آپريشنز موثر ۽ شفاف ٿيندا. اهي ترميمون رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او اي) سڌارن جو حصو آه?? جن تي پاڪستان حڪومت عالمي حصيدارن سان اتفاق ڪيو آه?? ۽ آءِ ايم ايف ۽ ايس بي اي ۾ هڪ بئنچ مارڪ طور شامل آه??. نئين ترميمن ذريعي بورڊ جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آفيسن کي مٿي ڄاڻايل سمورن ادارن ۾ جدا ڪيو ويندو ته جيئن عالمي بهترين طريقن موجب بهترين گورننس کي يقيني ??ڻائي سگهجي. انهن ادارن جي بورڊز ۾ آزاد ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو جيڪي فيصلاسازي جي عمل ۾ نئين تصورن ۽ آزاداڻي مهار?? جو اضافو ڪندا. آزاد ميمبرن جي ملازمت جي مدي جي حفاظت کي پڻ يقيني ??ڻايو ويو. اهي ترميمون ايس او ايز ايڪٽ جي ٻين شقن جي لاڳو کانسواءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ سالياني ??زنس پلان جي تياري سميت عوامي آگاهي کي پڻ يقيني ??ڻائينديون. اهو يونٽ ناڻي واري وزارت ۾ قائم ڪيو ويو آه?? جنهن جو مقصد ايس او ايز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، سالياني ??زنس پلان جي تياري ۽ عوام کي آگاهه ڪر?? جي لاءِ پبلڪ رپورٽس تيار ڪر?? آه??. انهن قدمن سان انهن ايس او ايز جي فعاليت، نگراني ۽ شفافيت کي يقيني ??ڻائڻ ۾ مدد ملندي. سي ايم يو اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندو، اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي انهن ايس او ايز جي ڪمزورين ۽ خوبين کي واضح ڪري سگهبو. مجموعي طور تي انهن سرڪاري ادارن جي قانونن ۾ ترميمن سان بهتر طرز حڪمراني، خدمتن جي فراهمي ۽ عوام کي جوابدهي يقيني ٿي سگهندي.