دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف ??ار??يز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي ??ي المڪتوم عالمي هوائي ??ڏي تي گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سلطان بن عواد النعيمي، گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف ??ار????ز ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وا??و نگران وفاقي وزير احمد عر??ان اسلم ۽ توانائي وا??و نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪندا.