اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپخت??نخ??اهه حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمور??ن رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي ي??ين?? بڻائڻ، خيبرپخت??نخ??اهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپخت??نخ??اهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي منصوبن جي آمدني مان خيبرپخت??نخ??اهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمور??ن رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي ي??ين?? بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپخت??نخ??اهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي سان سمور??ن رهتن جي ادائيگي فوري ي??ين?? بڻائي وڃي ۽ خيبرپخت??نخ??اهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ي??ين?? بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپخت??نخ??اهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ي??ين?? بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپخت??نخ??اهه ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي ??لل?? رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خيبرپخت??نخ??اهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان خيبرپخت??نخ??اهه جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپخت??نخ??اهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبد??لل??، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.