اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڄمون ڪش??ير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقعي تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آزاد ڪش??ير گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن جو آزادي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هڪ تقريب ۾ مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار پاران ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڄمون ڪش??ير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقعي تي سمورن ڄمون ڪش??ير شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن آزاد ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ ڄمون جي شهيدن کي ياد ڪندي قربانين سان لبريز تحريڪ کي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ تائين جاري رکڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينٽرل انفارميشن آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب ۾ پارٽي جي مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار 6 نومبر 1947ع جي سانحي کي ياد ڪندي ڄمون جي شهيدن سميت سمورن ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پنهنجي زور تي ان جائز ۽ حق ۽ انصاف تي ٻڌل تحريڪ کي جاري رکڻ جو وچن ورج??يو.