اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته پاڪستان ۾ هر ه?? کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد جي آزادي حاصل آهي، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ??يو ته آئين جي اندر 280 آرٽيڪل موجود آهي، آئين ۾ رڳو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائ?? جو آرٽيڪل نه آهي، ان ۾ آرٽيڪ?? 254 به موجود آهي، اُن کي به پڙهيو وڃي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ هر ه?? کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، جيڪا آزادي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين کي حاصل آهي اها مسلم ليگ (ن) کي به حاصل آهي، ان وٽ به شڪايت ڪر?? جو اختيار موجود آهي. هن ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ اسان ان جي مدد ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي گڏيل عرب امارات جي د??ري جي حوالي سان گذريل رات عوام کي وڊيو پيغام ذريعي آگاهه ڪيو، نگران وزيراعظم جي د??ري د??ران معاهدي ۽ مفاهمت جي ياداشتون طئي ٿينديون ته ان حوالي سان ميديا کي آگاهي ملي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان منهنجو احترام جو رشتو آهي، انهن جي بيانن تي تبصرو نٿو ڪري سگهان.