تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات، اي سي او جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزير??عظ?? اي سي او جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزير??عظ?? اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اع??از ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزير??عظ?? جي اڄ ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مز??ر تي حاضري ڀريندو.