بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ج?? عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ج?? حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پا??يس??ن بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي گ??رن??ينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ج?? لاءِ قدم کڻي رهي آهي.