لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي لنڊن ۾ سريلنڪا جي يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي وزير رو??ن ??ان?? سنگا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي گڏيل موقعن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ??ان??ين ۽ تعليم جي شعبن ۾ خصوصي طور تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوجوانن جي مع??ملن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون جاري آهي جنهن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگ??جي ٿو.