ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ هن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي نائب صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻ??ل آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بدلائينداسين. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه س??ن انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، غذائي تحفظ، سياحت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو فروغ جو خواهشمند ??هي.