اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائ??يڪ??ر جنرل خل??ف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائ??يڪ??ر، جوابدار جي خل??ف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائ??يڪ??ر جنرل جي خل??ف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ ر??ورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خل??ف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خل??ف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان کي به رد ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ ر??ورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار جي خل??ف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خل??ف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.