اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري با??ت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گو??نر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ با??ت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري با??ت مشاورت ٿي. وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده ??ي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.