اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ??رڏيهي وزارت ۾ تازو ئي متعارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزارت ۾ گذريل هڪ سال دوران ڪيل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪند?? پرڏيهي وزير چيو ته ??زارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن مان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري وغيره جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهن. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي وزارت جي اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ س?? پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻين کانسواءِ لاڳاپن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ فني ترقي سان گڏ طاقت جي شڪل پڻ تبديل ٿي رهي آهي جڏهن ته سفارتي محاذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول بڻجي چڪا آهن. انهن تبديلين جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ته جيئن راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينجن کان ا??تي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??ومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي معاملن کي موثر اند??ز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ??زارت جي لاءِ هڪ سڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل ڌرين کان معلوم??ت طلب ڪئي جن کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن چيو ته ??ستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار هجڻ گهرجي.