باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??يادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي ??اءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان کان ايل اين جي ??اڪستان آڻڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڇه?? مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي ??نظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي ??ومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايت?? قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان ??وڪ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي ??چ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان پاڪستان مان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ??وس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ??اءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي ??يادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي ??وقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي ??عاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.