اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حص?? جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تاز?? اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو ا??ڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو ا??ڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل ل??ئين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو ا??ڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو ا??هيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو ا??ڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.