اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سماءَ ن??وز جي اينڪرپرسن زوهيب سليم بٽ جي والد سينيئر صحافي سليم بٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنه??جي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سليم بٽ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، سليم بٽ هڪ ق??بل صحافي هو، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.