اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سي??يٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سي??يٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سي??يٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سي??يٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي ن??ر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري ن??ام جو بنياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي ن??ر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سي??يٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سي??يٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لا??ِ وقت آهي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سي??يٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق ک?? درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.