اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي ش??ط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪنوينشن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت غيرملڪ?? سر??ار?? دستاويزن جي لاءِ قانوني حيثيت جي ش??ط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي اپوسٽيل ڪنوينشن) بابت هيگ ڪنوينشن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪنوينشن پبلڪ دستاويزن جي تصديق جي عمل کي انتهائي مختصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دستاويز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ تصديق?? سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”اپوسٽيل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اپوسٽيل پاران تصديق ٿيل غيرملڪي پبلڪ دستاويزن کي وڌيڪ ڪنهن تصديقي عمل مان گذرڻ جي ش??ط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪنوينشن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پاڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪنوينشن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جاري ڪيل فارن اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي ??ار??خ يعني 9 مارچ 2023ع کان پرڏيهي وزارت يا ٻ??هرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کان تصديق جي ش??ط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قانونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پاران ”اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس“ جاري ڪرڻ جو عمل به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندو. پرڏيهي وزارت ڪئمپس آفيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز تي معمول جي تصديق جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.